اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ملڪيتي اد??رن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي اد??رن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، خساري جي ذميواري جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي تهجيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وز??ر فواد حسن فواد، نگران وز??راعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، لاڳاپيل اعليٰ عملد??رن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي مالي صورتحال ۽ نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. نگران وز??راعظم پي آءِ اي جي معاملن تي فيصلاسازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. نگران وز??راعظم هدايت ??ئي ته قومي ايئرلائين جي نجڪاري جي عمل کي شفاف ۽ تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. نگران وز??راعظ?? چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي اد??رن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام جي ٽيڪسن سان انهن اد??رن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي، پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري اد??رن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته هوابازي شعبي جي سڌ??رن سان عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري سگهبيون. خساري جي ذميو??رن جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. نگران وز??راعظ?? چيو ته نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.