اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ سان خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ص??بي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ جسٽس (ر) ارشد حسين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو صوبي ۾ آزاداڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندو.