اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان عورت ڪرڪيٽ ٽيم کي نيوزيلينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جار?? بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪست??ن وومين ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽيندڙ ايشيائي وومين ڪرڪيٽ ٽيم بڻجي وئي، پاڪستاني عورت رانديگر ڪنهن به طرح سان مردن کان پٺتي نه آهن. نگر??ن وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان جون عورت رانديگر ائين ئي محنت ڪنديون رهيون ته پاڪست??ن وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ به پنهنجي نالي ڪري وينديون. نگر??ن وزيراعظم پاڪست??ن وومين ڪرڪيٽرز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي ان ڪاميابي تي پوري قوم پاران مبارڪباد ڏني.