اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي خطي جي سمورن ملڪن سان گڏيل احترام ۽ خودمختيار برابري تي ٻڌل پرامن پاڙيسريت جي پاليسي کي جاري رکيو آهي، سريلنڪا، مالديپ، نيپال، ڀوٽان ۽ بنگلاديش سان هلندڙ سال ??وران لاڳاپن ۾ اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه سان مثبت اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪ ڀا??ت لاڳاپن ۾ ڪا وڏي اڳڀرائي نه ٿي، هندوتوا کان متاثر ڀا??ت جي قومپرست حڪومت ٻطرفن لاڳاپن ۾ رڪاوٽ آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان مسلسل چيو آهي ته ٻطرفا لاڳاپا ان وقت تائين مڪمل طور تي معمول تي نه ٿا اچي سگهن جيستائين حل طلب تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي تڪرار حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين جي دورن جي پاڪ ڀا??ت پروٽوڪول تحت پاڪستان مختلف مذهبي تهوارن ۽ موقعن ۾ شرڪت جي لاءِ ڀا??ت مان ايندڙ سک ۽ هندو ياترين کي 6824 ويزا جاري ڪيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ سال 486 ڀا??تي قيدين کي آزاد ڪيو جن مان 380 عام شهري ۽ باقي مُهاڻا هئا. هن چيو ته ڀا??ت والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جي لاءِ پنهنجي فوجي طاقت جو استعمال ڪندو رهيو، پوري سال ??وران پاڪستان سمورن لاڳاپيل ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي ڪشميري عوام جي لاءِ آواز اٿاريو، پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت ڀا??تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پڻ واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير ۾ ٿيندڙ مختلف اڳڀرائي طرف ڇڪرايو جنهن ۾ ڀا??تي سپريم ڪورٽ جو تازو غيرقانوني فيصلو پڻ شامل آهي. هن چيو ته اسلامي تعاون ت??ظيم (او آءِ سي) ڪشمير ڪاز جي مسلسل ۽ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿي، ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جا ٻه اجلاس مارچ ۽ سيپٽمبر 2023ع ۾ ٿيا. ترجمان وڌيڪ چيو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت خصوصي ايلچي ۽ برطانوي پارليامينٽرينز جي وفد آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪيو ته جيئن ت?? زميني صورتحال ??ابت معلومات حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته انهن دورن ڪشميري عوام جي خراب حالت ۽ ڀا??تي قابض فوج جي ظلمن کي بي نقاب ڪيو آهي.