اسلام ??با?? – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنا??اج?? جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ورچوئ?? خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽرن ۽ فزيشنز تي زور ڏنو ته اهي ميڊيڪل ??ائنس ۽ ٽيڪنا??اج?? جي شعبي ۾ ٿيندڙ تيز ترين تبديلين مان فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل ??ائنس وڏي تبديلين مان گذري رهي آهي ۽ وقت سان گڏ ٽيڪنا??اج?? جي ترقي سان ميڊيڪل ??ائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي و??و آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي بيمارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنا??اج?? کي استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بيماريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آهي، تنهن ڪري شاگردن کي معلومات ياد رکڻ بدران ان جو تجزيو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي تعليم جي شعبي جي قائم ڪيل معيار کي مثالي قرار ڏنو ۽ چيو ته هن پاڪستان ۾ ڊينٽسٽري جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پڻ نمايان قدم کنيا آهن.