اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اسلامي جمهوريه ايران جو صد?? ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ??يندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايراني صد?? جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو و??ندو، ايراني صد?? ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايراني صد?? ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو.