اسل??م آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي گهرواريءَ جميله عالم الهديٰ اسل??م آباد ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم سينٽر جو دورو ڪيو جتي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو سندس استق??ال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??جب ايراني خاتون اول يتيم ٻارن کي محفوظ ۽ پرورش جو سازگار ماحول ڏيڻ ۾ مرڪز جي ڪردار کي ساراهيو. هن قوم جي ڪامياب مستقبل جي لاءِ نوجوان نسل جي حمايت جي اثرن تي پڻ روشني وڌي. ان م??قعي تي فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي ٻارن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.