اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ ??حر??ه جي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻا??ڻ کي سا??اه??ندي چيو آهي ته پاڪ ??حر??ه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منشيات اسمگلنگ ڪندڙ لانچ کي پڪڙ?? تي پي اين ايس اصلت جي آفيسرن ۽ جوانن کي سا??اه??و. هن چيو ته پاڪ ??حر??ه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري گهري سمنڊ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندڙ پاڪ ??حر??ه جي آفيسرن ۽ جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي.