اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي تع??يم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا ??را??م ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خي??لن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال ۽ بلوچستان جي مختلف ترقياتي منصوبن جي حوالي سان خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي تع??يم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا ??را??م ڪيا ويندا. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عثمان باديني ۽ نور عالم خان پڻ موجود هئا.