اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ??اڪستان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿيل چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر چيو ته ??اڪستاني عوام چين سان غيرمشروط محبت ڪري ٿي. واضح رهي ته ??ارچ ۾ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪ??هن به غيرملڪي ميڊيا سان صدر زرداري جي اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. ٻنهي ملڪن جي اڳوڻي اڳواڻن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ياد ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ??نهنجي مرحوم سُهري پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي چيو هو ته اوڀر طرف ڏسو، چين طرف ڏسو. صدر آصف علي زرداري ج??هن پاڪستاني صدر جي طور تي پنهنجي پهرين مدي دوران 9 ڀيرا چين جو دورو ڪيو هو، هن ”تائيوان جي آزادي“ جي ڪ??هن به شڪل ??ي رد ڪندي ون چائنا اصول تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته تائيوان چين جو حصو آهي. ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??اڪستان سدائين چين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چين جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي شروعات، گوادر پورٽ جي ترقي تي تبصرو ڪندي آصف علي زرداري چيو ته 11 سال اڳ سي پيڪ جي شروعات کانپوءِ گوادر پورٽ تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، اها بندرگاهه سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي سدائين ڀليڪار چوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ??اڪستان وڌيڪ اسڪولن جي ان ڳالهه تي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته ??و چيني زبان کي پنهنجي لازمي نصاب ۾ شامل ڪن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چيني عوام جي ڪاميابين کي ساراهيندي آصف علي زرداري چيو ته ??اليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چين جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب آهي ۽ پاڪستان چين جي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ جي اميد ڪري ٿو.