تهران – 22 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪري صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي اف??وسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ويزن کي جاري رکنداسين. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪئي. سپريم ليڊر سان ملاقات دوران و??ير??عظم صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي اف??وسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم چيو ته صدر رئيسي هڪ ويزنري اڳواڻ هو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي و??ير??عظم پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. و??ير??عظم چيو ته اسان پاڪ – ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان مرحوم ايراني صدر جي ويزن کي جاري رکنداسين. و??ير??عظم تاريخ جي هن نازڪ موڙ تي پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڀائر ملڪ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي محصور عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ڪيل جذبن جي اظهار کي محسوس ڪريون ٿا ۽ ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا ۽ اسان پاڪ – ايران لاڳاپن جي حوالي سان مرحوم ايراني صدر رئيسي جي ويزن کي اڳتي وڌائينداسين. و??ير??عظم ايراني سپريم ليڊر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني. نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله ت??رڙ پڻ ملاقات دوران و??ير??عظم سان گڏ هئا.