اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي) بين الاقوامي ما??يا??ي فنڊ (آءِ ??يم ايف) چيو آهي ته آءِ ??يم ايف مشن ۽ پاڪستاني عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن واري پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ??يم ايف مشن جي پاڪستان جي دوري جي تڪميل تي مشن جي چيف نٿن پورٽر طرفان جاري ٿيل بيان ۾ چئي و??ي آهي. آءِ ??يم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني عملدارن جي درخواست تي عالمي ما??يا??ي فنڊ جي ٽيم 13 مئي کان وٺي 23 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، وفد جي قيات نٿن پورٽر ڪئي. ان دوري جو بنيادي مقصد پاڪستان جي اندروني اقتصادي پروگرام جي منصوبن ۽ انهن منصوبن لاءِ ??ءِ ??يم ايف جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي مدد تي ڳالهيون ڪرڻ هو. بيان موجب 2023ع ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ڪامياب تڪميل ذريعي حاصل ٿيل معاشي استحڪام جي بنياد تي عالمي ما??يا??ي فنڊ ۽پاڪستاني عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن جي پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدو ۽ توسيع فنڊ سهولت ذريعي مدد تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سڌارن واري پروگرام جو مقصد ملڪ کي معاشي استحڪام سان مضبوط، جامع ۽ جٽادار واڌ طرف وٺي وڃڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني انساني سرمائي، سماجي تحفظ ۽ ماحو??يا??ي موزونيت لاءِ ??رچن کي وڌائڻ ۽ منصفاڻي ٽيڪس ذريعي ملڪي محصولن ۾ اضافو ۽ عوامي ما??يا?? کي مستحڪم ڪرڻ جو منصوبو رکون ٿا. پاڪستان جي حڪومت توانائي جي شعبي جي پائيداري، توانائي جي بلند قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ??ڌارن، ناڻي ۽ مٽاسٽا جي شرح جي پاليسين جي ذريعي گهٽ ۽ مستحڪم ناڻي و??ڌ طرف اڳڀرائي جاري رکڻ، رياستي ملڪيتي ڪاروبار جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو به ارادو رکون ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ??يم ايف مشن ۽ پاڪستان جا عملدار ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ??يم ايف ۽ پاڪستان جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيداري طرف سڌارن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهربل مالي مدد تي ۽ ٻين معاملن تي پاليسي ڳالهيون جاري رکندا ته جيئن انهن معاملن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. آءِ ??يم ايف جي ٽيم مشن جي دوري دوران نتيجا ڏيندڙ ڳالهين ۽ مهمانوازي تي پاڪستاني عملدارن، نجي شعبي ۽ ترقياتي حصيدارن جو ٿورو پڻ مڃيو.