اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري ملڪي تعليمي پروگرام مضبوط بڻائڻ ۽ شا??رد?? کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي لاءِ شا??رد?? جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي تائين پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??صف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار قائداعظم يونيور??ٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، شا??رد?? کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ سان انهن جي تعليم تائين پهچ وڌندي، ڊيجيٽل ورڇ ختم ٿيندي. صدر چيو ته نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۾ مهارتن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن اهي قومي ۽ عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏن انساني وسيلن سان نوازيو آهي. صدر چيو ته انساني وسيلن کي جديد ترين تعليم ۽ هنر فراهم ڪري هڪ طاقت بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان تعليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون هنرمند پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پاڪستان کي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، نرسن ۽ استادن جهڙا وڌيڪ پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. آصف علي زرداري چيو ته يونيورسٽيون شا??رد?? جي ڪردارسازي ۽ تعليمي معيار وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين. صدر چيو ته شا??رد?? جي حوصلا افزائي جي لاءِ قائداعظم يونيور??ٽي جي پوزيشن هولڊرز کي روڪ صدارتي ايوارڊز ڏنا وڃن. قائداعظم يونيور??ٽي جي وائيس چانسلر صدر کي يونيور??ٽي جي تعليمي پروگرامن ۽ ٻين انتظامي معامن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قائداعظم يونيور??ٽي پاڪستان جي ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان هڪ آهي، عالمي درجابن??ي ۾ 315 هين نمبر تي آهي. وائيس چانسلر چيو ته قائداعظم يونيور??ٽي معاشري جي لاءِ ڪارائتي تحقيق تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن قائداعظم يونيور??ٽي جي اولين ترجيح آهي. صدر پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ يونيور??ٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر وائيس چانسلر کي يونيور??ٽي جي مالي مسئلن کي مناسب فورم جي ذريعي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.