اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) افغانستان بابت پا??ست??ن جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان دراني دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پا??ست??ني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پا??ست??ن جي خصوصي نمائندي اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پا??ست??ن جو موقف پيش ڪيو. هن افغانستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ افغانستان جي پناهگاهن مان ٽي ٽي پ?? جي دهشتگرد سرگرمين سان لاڳو خطري کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته پا??ست??ن ۽ افغان عبوري حڪومت جي وچ ۾ پهرين جولاءِ 2024ع تي ٻطرفا اجلاس ٿيا جن ۾ ڌرين امن ۽ سلامتي سميت گڏيل ڳڻت?? جي اهم معاملن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پا??ست??ن علائقائي استحڪام ۽ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پا??ست??ن جي عزم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آصف علي خان دراني دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سپورٽ نيٽ ورڪس بابت پا??ست??ن جي خدشن کي پڻ اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته ان موقعي تي پا??ست??ني نمائندي آمريڪا، چين،قطر، روس، ازب??ست??ن، يورپي يونين، برطانيا، ناروي ۽ هالين?? جي وفدن سان لاڀائتي ملاقات ڪئي. پا??ست??ني وفد پا??ست??ن، افغانستان، ازب??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ چار ڌريي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي شعبن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ۽ افغانستان جي رستي پا??ست??ن کي ازب??ست??ن سان ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبي جو جا??زو ورتو ويو.