اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان خطي ۾ اسرائيل جي مسلسل مهم جوئي ۽ لبنان جي خل??ف ٿيندڙ تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته بيروت ۾ اسرائيل جي فوجي جارحيت لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خل??ف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پ??يس بريفنگ ۾ چيو ته شهري علائقن تي اهو حملو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل خل??ف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان جي امن ۽ سلامتي سان رهڻ ۽ ان جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته خودمختياري رياستن جي اندر ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ عالمي اصولن جي خل??ف ورزي آهي، اهو انڌاڌنڌ ۽ وڌندڙ اسرائيلي جارحيت جو هڪ ٻيو مظاهرو آهي جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مسلسل جاري آهي. هن چيو ته خطي ۾ اسرائيل جون تازه ترين ڪارروايون خ??رن??ڪ آهن جيڪي وچ اوڀر ۾منصفاڻي ۽ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيون آهن، اسرائيل کي ان جي ڪاررواين جو جوابده ٿيڻ گهرجي، اسرائيل جي غيرملڪي ڪاررواين علائقائي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته اسرائيل جي حامين کي گهرجي ته اهي خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خل??ف ورزي جي خاتمي جي لاءِ اسرائيل تي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪن. هن چيو ته تهران ۾ حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جو قتل اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ خ??رن??ڪ ڇڪتاڻ جو هڪ عمل آهي جنهن سان امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي. ترجمان چيو ته اسان ان جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، ان جي قاتلن جو گهيراءُ ٿيڻ گه??جي. هن چيو ته اسرائيل آڪٽوبر 2023ع کان فلسطيني عوام جي خل??ف دهشتگردي جي مهم شروع ڪري رکي آهي، اسان گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عالمي قانون جي پاسداري ڪري ۽ غزه جي ماڻهن جي نسل ڪشيءَ جو خاتمو ڪري. ترجمان چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ، ان جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي وارو شهر هجڻ سان گڏ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪري ٿو.