اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ??ونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان آمريڪا سان حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ريسرچ اينڊ انڊوومينٽ فنڊ ۾ زرعي يونيورسٽي لاءِ آمريڪا جي تعاون کي ساراهيون ٿا. آمريڪا سان زرعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي ٽيڪنال??جي جي منتقلي جي ضرورت آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان جي نئين زرعي مصنوعات کي آمريڪي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي، ڊونلڊ بلوم چيو ته پاڪستان ۾ سم??جي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون جاري رکنداسين، پاڪستان ۾ يونيسيف سان گڏجي غذائي کوٽ ??روگرام تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون وڌايو ويندو، آمريڪا زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندو.