اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته آئي?? جي ڍانچي اندر رهندي قانون سازي پارليامينٽ جو اهم اختيار آهي، تجويز ڪيل آئيني ترميمن تي هاڪاري تجويز?? جي آجيان ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڪي???? جي ڪري عام ماڻهو کي انصاف ۾ دير جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، اسان جو مقصد عام ماڻهن کي عدالتن مان فوري انصاف جي فراهمي آهي، آئيني ترميمن سان رات جي اونداهي ۾ ڪو ڌاڙو هڻڻ يا چوري ڪرڻ مقصد ناهي، ڪي?? به نٿو چئي سگهي ته آئيني عدالت نه بڻجي، تجويز ڪيل آئيني عدالت ۾ وفاق جي سمورن ايڪ?? جي نمائندگي هوندي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميم?? جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ قانون واري وز??ر چيو ته ترميمن جو مسودو ڪابينه ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندو آهي، سي سي ايل سي ۾ ان جو شق وار جائزو ورتو ويندو آهي، پوءِ حڪومت جو اختيار هوندو آهي ته اها قومي اسيمبلي يا سينيٽ مان متعارف ڪرائي. اڃا انهن ترميمن جو مسودو سي سي ايل سي ۾ بحث هيٺ ناهي آيو ۽ ڪابينه ۾ به پيش ناهي ڪيو ويو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ ان حوالي سان پهريان مشاورت ٿي، بعد ۾ متحده قومي موومينٽ، پاڪستان مسلم ليگ (اعجاز الحق)، بلوچستان عوامي پارٽي، اي اين پي ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي سان به ڳالهيون ٿيون. قانون واري وز??ر چيو ته ماضي ۾ آئين سان ٿيل هٿ چراند کي درست ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ 18هين ترميم منظور ڪئي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان اڳيان وڌي، موجوده حالتن ۾ ڪو به آئيني عدالت جي ضرورت سان اختلاف نٿو ڪري سگهي، آئي?? جي ڍانچي اندر رهندي قانون سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، 25 ڪروڙ عوام پارليامينٽ کي ملڪ جو رخ درست ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام رياست جي تحفظ لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. فوج به ملڪ لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، اسان ان کي ضايع ڪرڻ نه ڏيندا??ين. هن چيو ته جنهن بار ڪائونسل ۾ چوندا اهو تجويز ڪيل پئڪيج کڻي وڃڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته آئيني عدالت?? جي قيام کي چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ سان جوڙيو ويو ۽ اهو چيو پيو وڃي ته عدالتن تي حملا ٿي رهيا آهن جڏهن ته اسا?? جي حڪومتي دؤر ۾ ته ڪو به ريفرنس داخل نه ڪيو ويو، ويجهي ماضي ۾ اهي حملا ان وقت ٿيا جڏهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي نشانو بڻايو ويو، هي ماڻهو ان ريفرنسز جي حمايت ڪندا رهيا آهن، عدالت اهو ريفرنس رد ڪندي چيو آهي، ته ان ۾ ڪا به حقيقت ناهي. اعظم نذير تارڙ تجويز ڪيل آئيني عدالت جو خاڪو پيش ڪندي چيو ته ان ۾ 7 يا 8 جج?? جي تجويز آهي جنهن ۾ وفاق جي هر ايڪي جي نمائندگي هجي، آرٽيڪل 184 تحت پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ وٽ آهي، جنهن کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح آرٽيڪل 199 ۾ هاءِ ڪورٽ جي ڪي??ن تي اپيل?? جي ٻڌڻي به آئيني عدالت ۾ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ آئيني، فوجداري، ديواني، بئنڪنگ ۽ سروسز ٽربيونلز جا سمورا ڪي?? ويندا آهن جنهن ڪري عام ماڻهو کي انصاف ۾ دير جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. هن چيو ته اسان پنهنجي ڪمزورين سبب سياسي معاملا حل ڪرڻ لاءِ به سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندا آهيون، پنهنجي نادانين سبب اسان پنهنجو اختيار ديوار جي هن پاسي ڏئي ڇڏيو آهي. اهو اختيار قانون سازي ذريعي ئي واپس اچي سگهي ٿو. هن چيو ته عدالتي ڪميشن کي 18هين ترميم جي روح مطابق جوڙڻ گهرجي، اسان تجويز ڏني آهي ته عدالتي ڪميش?? جي سربراهي چيف جسٽس وٽ هجي، 6 جج ۽ 6 پارليامينٽ ميمبر ۽ بار ڪائونسل جي ان ۾ نمائندگي هجي، ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ جي جج?? جي ڪارڪردگي جاچڻ جو به اختيار حاصل هجي ۽ ڪنهن جج جي مس ڪنڊڪٽ تي به سفارش ڪرڻ جو اختيار هئڻ گهرجي. اسان نٿا چاهيون ته پارلياماني ڪميٽي جي روزاني توهين ٿئي، سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي جاچڻ جو ڪو به پئمانو ناهي، ان سموري معاملي ۾ توازن آڻڻو پوندو. هن چيو ته بلوچستان ۾ تڪ تمام وڏا وڏا آهن، صوبي جي چونڊيل نمائندن جو مطالبو هو ته صوبائي اسيمبلي جي سيٽن ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي کي تجويز ڪيل ترميم?? جي حوالي سان جنهن حد تائين ٻڌائي ٿي سگهياسين، اسان ٻڌايو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن هميشه اهو ئي چيو آهي، ته پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو پوندو.