راولپنڊي – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ ٿيل آپريشن دوران 8 دهشتگرد ??ار??ي ويا آهن. پاڪ ف??ج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق 25/26 سيپٽمبر جي رات جو سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي زرمڪ ۾ انٽيلي جنس بنياد تي ٻڌل آپريشن ڪيو. جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ 8 خوارج جهنم واصل ٿيا. ??ار??ي ويل دهشتگردن جي ق??ضي مان هٿيار ۽ گوله بارود به هٿ آيو آهي، اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪارروائين سان گڏو گڏ معصوم شهرين جي ٽارڪٽ ڪلنگ ۾ به سرگرم رهيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن اتي ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ??عن?? کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.