اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي تاريخ ۽ تهذيبي ميراث ف??ر جو سبب آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ ??سٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جي آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن، ثقافتي ??اهرن ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ملڪ جي ڀرپور ۽ گهڻ رخي ورثي تي ??نهنجي گهري فخر جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي واديءَ ۽ گنڌارا جي قديم تهذيب موجوده پاڪستان ۾ وڌيون ويجهيون آهن. پرڏيهي سيڪريٽري آثار قديمه ۽ تهذيبي ورثي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان قديم ثقافتن ۾ جدت، لچڪ ۽ گڏيل بقاءَ جا قدر اڄ به موجود آهن. هن سياحت ۽ ترقي جي لاءِ م??وازن موقف اختيار ڪرڻ جي ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جا ثقافتي اثاثا ايندڙ نسلن جي لاءِ م??فوظ آهن. هن ان موضوع تي ڌيان ڏيڻ جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ ??سٽڊي (آءِ ايس ايس آءِ) جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري يقين ڏياريو ته پرڏيهي آفيسر انهن ڪوششن ۾ هڪ پرعزم اسٽيڪ هولڊر ۽ حصيدار رهندا ۽ پاڪستان جي گڏيل ميراث جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ مقامي ڪميونٽيز ۽ عالمي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ افتتاحي اجلاس کي سينيٽر مشاهد حسين سيد ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي به خطاب ڪيو.