اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ح??يداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??ه چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي کيس خوشي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ??ه هو پنهنجي ڀاءُ?? اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي تاريخي ۽ لاڀائتي دوري جا منتظر آهن جيڪو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم چيو ??ه اسان ٻطرفن قدمن خاص طور تي چين، پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺنداسين ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل تعاون جون نيون راهون به ڳولينداسين. وزيراعظم چيو ??ه پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ح??يداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي.