اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم مظلوم ڪشميرين جو ترجمان، سفير ۽ وڪيل بڻجي ڪيس وڙهي رهيو آهي، قوم جي هر ماڻهو کي ان ۾ پنهنجو آواز ملائڻو پوندو ڇو ته ڪشمير اسان جي وجود ۽ مستقبل جو معاملو آهي، پاڪستان جو وجود ڪشمير کانسواءِ اڻ مڪمل آهي جيستائين ڪشمير پاڪستان جو حصو نٿو بڻجي اسان جي جدوجهد جاري رهندي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس ۾ والاريل ڪشمير جي مظلوم ۽ ??عص??م ڪشميرين جي درد ڀري ڪهاڻي جي موضوع تي منقعد ٿيٽر ڏسڻ ک??نپ??ءِ خطاب ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٿيٽر مظلوم ڪشميرين جي درد ڀري ڪهاڻي تي ٻڌل آهي.