اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ??هي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ف??ج پاران ڪرفيو لاڳو ڪري پوري معاشري کي ??فل??ج بڻائي ڇڏيو، هن معصوم ڪشميرين تي پنهنجا وحشياڻا ظلم جاري رکيا آهن. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 26 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت پنهنجي ايجنڊا تي عملدرآمد شروع ڪيو ۽ اڄ 27 آڪٽوبر 2019ع تي 72 سالن کانپوءِ به ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ 84 ڏينهن کان ڪرفيو لاڳو آهي.