ڪوئيٽا – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان جي اندر خاص طور تي ۽ پوري پاڪستان جي اندر عام طور تي ترقي جا رستا وڏي تيزي سان کلي رهيا آ??ن، بلوچستان ۾ معدنيات، ماهيگ??ري ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آ??ن، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن ۾ موثر خطاب پوري مسلمان امت جي عڪاسي ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ڪوئيٽا جي دوري جي دوران مقامي هوٽل ?? بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان جي گورنر امان الله خان ياسين زئي ۽ صوبائي وزيرن سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پنهنجي ناپاڪ مقصدن جي ڪري ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ۽ ڀارت جي بزدلاڻي حرڪت تي پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي.