اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاو?? صاحب! جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جو وس هلي ته ٻن خاندانن کان قوم جي لٽيل رقم واپس ??يا??يو، ان جي خلاف تحريڪ هلايو پوري قوم توهان جو ساٿ ڏيندي، ب??او?? صاحب عوام جو وس هلي ته ٿر جي معصوم ٻارن جي قاتلن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام جو وس هلي ته انهن جو مستقبل انهن کان کسيندڙن کي لوهه جا زيور پارائين، ب??او?? صاحب! پاڪستان جي عوام باشعور آهي، هن چيو ته عوام مخالف ڌر جي اصليت ۽ نيت ٻنهي کان چڱي ريت آگاهه آهي.