اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ش??با?? گل چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو نه وري ش??با??ن وانگر ڊرامي بازي ڪرڻ تي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪرپٽ چاچا جو دور هجي ها ته پنجاب انفارميشن ڊپارٽمينٽ ان جو انتظام ڪري رهيو هجي ها، اسڪرپٽ لکيو وڃي ها، ٽن طرفن کان ڪئيمرا، هڪ گلوبٽ گڏ زمين تي ڪرپٽ چاچا پرفارمر ڪ??ي ها ۽ بس ڳالهه ختم . وزيراعظم جي خاص مددگار موٽر وي تي عورت سان زيادتي ڪندڙ ٻن جوابدارن جون تصويرون به شيئر ڪيون ۽ چيو ته هي اهي بدقسمت درندا آهن جيڪي ان واقعي ۾ ملوث هئا، پنجاب پوليس جلد ئي کين گرفتار ڪ??ي قرار واقعي سازا ڏياريندي، هن چيو ته وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير سان رابطي ۾ آهي، جوابدارن کي منطقي انجام ت??ئين پهچايو ويندو.