اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ل??هو?? موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي، ان واقعي جا اسا?? جي ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ل??هو?? جي واقعي تي بحث ٿئي ڇو ته اهو واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي ۽ ان جا ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. عالمن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙي?? جي تحفظ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. اسان جون به ٻارڙيون، مائرون ۽ ڀينرون آهن، هن مسئلي تي بحث ڪري ڪوتاهيون ختم ڪرڻ گهرجن. سيد نويد قمر چيو ته ل??هو?? جي واقعي تي اسان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪستان جو شهري بڻجي پنهنجي راءِ ڏين. جتي جتي ڪوتاهي آهي اها ختم ڪرڻ جي لاءِ تجويزون سامهون آنديون وڃن.