اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي ??ي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلام آباد ۾ ڪ??يت جي سفارتخاني ويو جتي هن ڪويت جي امير شيخ صباح الاحمد الصباح جي لاڏاڻي تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان موقعي ڪويت جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪويت جو ا??ير ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو، ڪويت جي امير جي قيادت ۾ ڪ??يت اقتصادي ۽ معاشي ترقي جو هڪ نئون دور ڏٺو ??هي?? هن چيو ته ڪويت جي امير جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم ۽ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو.