اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم ڊيليور?? يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليور?? يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط ل??يو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون مخصوص ڪيون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ??اپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ??نهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن. سٽيزن پورٽل تي شڪايتن جي آگاه?? بابت پڻ ريسٽ ايرياز ۾ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس لاڳاپيل عملدارن کي 21 ڏينهن ۾ شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. قدمن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي تقابلي رپورٽ پڻ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.