اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي پارا?? جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 738 مريض?? جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 42 هزار 909 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 14 هزار 470، پنجاب ۾ 16 هزار 297، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 296، اسلام آباد ۾ 6 هزار 153، ??لو??ستان ۾ 704 ، گلگت بلتستان ۾ 198، آزاد ڪشمير ۾ 818 ٽيسٽ شامل آه??. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 27 هزار 542 ٿي چڪو آه??، آزاد ڪشمير ۽ ??لو??ستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آه??، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 793 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 230 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 33 هزار 562 آه??.