اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پو??ٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي، پو??ٽل تي ٻن سالن م رجسٽرڊ ماڻهن جو انگ 30 لک کان وڌي ويو، ٻن سالن ۾ پو??ٽل کي 27 لک کان وڌيڪ شڪايتون مل??ون جڏهن ته 25 لک کان وڌيڪ شڪايتن جو ازالو ٿيو، پو??ٽل ذريعي مل??دڙ شڪايتن جي حل تي نادرا جي ڪارڪردگي سڀ کان اطمينان جوڳي رهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران هڪ لک 36 هزار کان وڌيڪ مل??دڙ شڪايتن مان هڪ لک 28 هزار اڪلايون ويون. وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ پو??ٽل جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جاري ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو جي انچارج عادل صافي ڪارڪردگي رپورٽ کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 27 لک 60 هزار مل??دڙ شڪايتن مان 13 لک 41 هزار وفاقي حڪومت، 9 لک 45 هزار کان وڌيڪ پنجاب، 2 لک 62 هزار خيبرپختونخواهه، هڪ لک 67 هزار سنڌ، 22 هزار 700 اسلام آباد، 19 هزار 600 بلوچستان، 3421 گلگت بلتستان جڏهن ته 619 شڪايتون آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي خلاف مل??ون. وفاق ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون بجلي ۽ توانائي بابت هيون جن جو انگ 4 لک 97 هزار کان وڌيڪ آهي، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ ميونسپل سروسز بابت شڪايتون رهيون، باقي صوبن ۾ به ميونسپل سروسز بابت شڪايتن جو تناسب وڌيڪ رهيو. سڀ کان وڌيڪ شڪايتون اڪلائڻ جي شرح وفاق ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 95 سيڪڙو رهيو، پنجاب ?? 94 ??يڪڙو، سنڌ ۾ 86 سيڪڙو، اسلام آباد 78، بلوچستان 89، گلگت بلتستان 84، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير 85 سيڪڙو رهيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پو??ٽل تي 11 لک غيرملڪي به رجسٽرڊ هن، ڏورانهن علائقن سان تعلق ??کندڙ ماڻهن جي لاءِ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي جتان اهي پو??ٽل بابت معلومات وٺي سگهن ٿا.