اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي برابر حقن کي يقيني بڻائڻ جي ايجنڊا تي گامزن آهي، اسلامي ت??ريخ، آزادي جي تحريڪ ۾ عورتن جو مثالي ڪردار رهيو، جرنلسٽ پروٽيڪشن بل ۾ عورت ??حافين جي حقن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، عورتن جي حقن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي لاءِ مذهبي، ثقافتي قدرن ۾ رهندي ذ??ن سازي ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت ??هي، سائبر ڪرائم، هراسان ڪرڻ ۽ ٻين وڌندڙ منظم ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قانونسازي سميت ٻيا قدم کنيا پيا وڃن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته عورتن کي معاشرتي ت??فظ حاصل هجي. هو ايوان صدر ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.