اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ملڪ ۾ تيل جي اسمگلرن جي خلاف جاري مهم تحت 690 پيٽرول پمپس سِيل ڪيا ويا آهن ۽ تقريبن 45 لک ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل ضبط ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس پارا?? جاري بيان م??جب گهرو وزارت تيل جي اسمگلنگ خلاف بنا ڪنهن فرق جي مهم جاري رکي آهي، جنه?? جا واضح ۽ مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.