پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذو?? ماڻهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فائدو ڏيارڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گور??ر هائوس پشاور ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي تعاون سان منعقد ٿيندڙ معذو?? ماڻهن جي اجلاس کي ??طا?? دوران ڪيو. هن چيو ته مددگار ٽيڪنالاجي عالمي ۽ علائقائي سطح تي اهميت اختيار ??ندي پئي وڃي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ مددگار شين جي ضرورتمندن لاءِ هاڻي اميد پيدا ٿي وئي آهي، وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ??اڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو اطلاعات ۽ هائير ايجوڪيشن بابت خاص مددگار ??امران بنگش به ان خصوصي اجلاس ۾ موجود هئا، صدر چيو ته اسان هن وقت مشڪل دو?? مان گذري رهيا آهيون، ڇو ته ڪووڊ 19 زندگي جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي، پاڪستاني عوام جي خيرخواهي ۽ صحت لاءِ ڊبليو ايڇ او جي تعاون کي ساراهيندي هن چيو ته حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ڪنهن به قسم جي معذوري رکندڙ ماڻهو ملڪ جي ترقي ۾ بامقصد ڪردار ادا ڪري سگهن.