ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهري ??لائقن ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ وڌي رهيو آهي، 79 سيڪڙو آبادي ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪري ??هي آهي، پاڪستان ۾ دستياب آڪسيجن ج?? 90 سيڪڙو حصو استعمال ٿي رهيو آهي، هڪ هفتي ۾ صورتحال بهتر نه ٿي ته مڪمل لاڪ ڊائون ج?? سوچڻو پوندو، اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن ج?? انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، روزانو 600 کان 700 ڪورونا مريض اچي رهيا آهن، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري ??ورتحال سنگين ٿي چڪي آهي، اتي آڪسيجن ج?? سخت کوٽ ٿي وئي آهي، ??ن مشڪل وقت ۾ پاڪستان ج?? عوام ڀارتي عوام سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارت جي عوام جي لا??ِ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.