فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پوري دنيا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردا?? ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو فيصل آباد ۾ وڻڪاري ??هم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحا??ين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن ??يو ته پوري دنيا موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن ??يو ته وزيراعظم عمران ??ان موسمياتي تبديلي کي منهن ??يڻ جي لاءِ وڻڪاري ??هم جي شروعات ڪئي. وزيراعظم عمران ??ان جي هڪ ڪال تي پوري ??وم متحد ٿي وڻڪاري ??هم ۾ حصو ورتو. هن ??يو ته وزيراعظم عمران ??ان جي وڻڪاري ??هم کي پوري دنيا ساراهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.