??سل??م آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??ستان ۾ جرمني جي سفير برنارڊ چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام، امن ۽ ترقي جي لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پا??ستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن کي آمريڪا سميت عالمي برادري تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. پريس ريليز موجب هن چيو ته آمريڪا ۽ عالمي برادري پا??ستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو آهي ۽ جرمني به ان مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. هن ان اعتماد ??و اظهار ڪيو ته پا??ستان مستقبل ۾ به افغانستان ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته پا??ستان طالبان کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو افغانستان ۾ هڪ اتحادي حڪومت جوڙين. هن چيو ته پا??ستان کي خطي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار جو چڱي ريت اندازو ??هي. جرمن سفير چيو ته ڪابل ۾ سڀني ڌڙن تي ٻڌل هڪ ٺوس حڪومت هن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. افغانستان جي پا??يسري ملڪن جي ڪردار بابت هڪ سوال تي جرمني جي سفير چيو ته انهن مان ڪو به افغانستان ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي ڇو ته اهو سياسي تباهي جو ڪارڻ ثابت ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ملڪن جا مفاد ۽ تناظر مختلف آهن جيڪي قابل فهم آهن پر سڀ حقيقي معنيٰ ?? سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير هيڪوماس جي تازي پا??ستان جي دوري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ سفير چيو ته سندس دورو پا??ستان سان گڏيل لاڳاپن ۽ خطي ۾ جاري صورتحال بشمول افغانستان بابت هو.