اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان خاص طور تي ڪشمير ۽ افغانس??ان سميت عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اطمينان جوڳي رهي آهي. هن اها ڳالهه جنرل اسيمبلي جي 76 هين سالياني اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهه جي حيثيت سان 5 ڏينهن جي دوري ??ي پڄاڻي تي پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چئي. پرڏيهي وزير چيو ته هو سمجهي ٿو ته هاڻي عالمي برادري پاڪس??ان جي موقف کي بهتر انداز ۾ سمجهي رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي هڪ عالمي مدبر جي حيثيت سان وسيع تر معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم جو خطاب مثبت ۽ تعميري هو، خاص طور تي وزيراعظم افغانس??ان ۾ اشرف غني حڪومت جي خاتمي ۽ طالبان جي اقتدار ۾ واپسي جي پس منظر جا سبب ڳولڻ لاءِ چيو، وزيراعظم عالمي برادري ??ڏو ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي پروپئگنڊه جو پول کولي ڇڏيو ۽ تڪراري ??طي جي حق??قي صورتحال واضح ڪري ڇڏي. وزيراعظم پاڪس??ان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري ??طي ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان انساني حقن جي منظم ۽ وسيع تر خلاف ورزين جي حوالي سان موثر ۽ ثبوتن تي ٻڌل جاري ڪيل ڊوزيئر جو پڻ حوالو ڏنو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ سان اجلاس جي نتيجن مان هو مطمئن آهي، ان اجلاس ۾ ترڪيءَ، سعودي عرب ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف کي ورجايو. پرڏيهي وزير پنهنجي دوري ??وران آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن سان ملاقات سميت درجنين پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون، آمريڪي پرڏيهي وزير سان پرڏيهي وزير هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي آهي ڇو ته ان ملاقات جو مقصد غلط فهمين کي ختم ڪرڻ هو. آمريڪي پرڏيهي وزير اسان جو موق?? تفصيل سان ٻڌو ۽ ان کانپوءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي شهرين جي افغانس??ان مان انخلا ۾ تعاون ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي ڪوششن کي ساراهيو. هڪ ٻئي سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته افغانس??ان ۾ حڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان ڏس ۾ هن تجويز ڏني ته طالبان کي انگيج ڪرڻ ۽ انهن کي ترغيب ڏيڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته يونٽي فار ڪنسنسز جي وزارتي اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل جي ري ??سٽرڪچرنگ اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجي، اجلاس ۾ سلامتي ڪائونسل جي مسقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جي مڪمل مخالفت ڪئي وئي ۽ ان جي بدران غيرمستقل ميمبرن جي انگ ۾ اضافي جو مطالبو ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي ڏس ۾ بين الحڪومتي ڳالهيون (آءِ جي اين) ايندڙ مهيني شروع ٿ??نديون. گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان جو مستقل نمائندو منير اڪرم ۽ آمريڪا ۾ پاڪس??ان جو سفير اسد مجيد پڻ ان موقعي تي موجود هئا.