اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته طورخم ۽ چمن کان علاوه افغانستان سان سلهاڙيل باقي 5 سرحدن تي به آمدورفت جو جديد بايو ميٽرڪ نظام ۽ آن لائن ويزا شروع ڪئي ويندي ۽ هزارين ماڻهو پاڪستان ۾ ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اهي مهلت مان فائدو کڻندا نه ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي سلامتي جي محافظ ادارن تي تنقيد ڪندڙ اقتدار جي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو، هو پنهنجو ئي نقصان ??ندا. نواز شريف جي سياست ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ??الهين جي ڪا خبر ناهي، مفاهمت سان معاملا حل ڪرڻ چا??يو?? ٿا.
اهڙو اظهار هن نيشنل ايڪشن پلان جي جائزه اجلاس بعد صحافين سان ??الهائيندي ڪيو. گهرو وزير چ??و ته افغانستان لاءِ آن لائن ويزا جاري ڪري رهيا آ??يو??، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پرمٽ ۽ ٻين جي حوالي سان شڪايتون 10 ڏينهن ۾ حل ڪيون وينديون، آن لائن انٽري ۽ آن ارائيول ويزا جو نظام افغانستان سان سلهاڙيل سمورين سرحدن تي شروع ڪيون ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو نالو اِي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي درخواست ڏئي يا عدالت ذريعي رجوع ڪري، اسان سندس ڪيس جو جائزو وٺنداسين. مريم نواز طرفان ملڪي ادارن تي تنقيد جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چ??و ته پاڪ فوج ۽ ادارا ملڪي سلامتيءَ جا ضامن آهن، انهن تي تنقيد سان اقتدار کي بُکايلن کي ڪجهه هٿ نه ايندو هو پنهنجو ئي نقصان ??ندا.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چ??و ته پهريان هتي ڪو رڪارڊ نه هو ته سرحدن تي ڪيئن آمدورفت ٿي رهي آهي، هزارين ماڻهو ويزا وٺي آيا ۽ لاپتا ٿي ويا، اسان ??ين ايمنسٽي ڏيڻ وڃي رهيا آ??يو?? ته اهي درخواست ڏين ۽ ملڪ مان نڪري وڃن نه ته سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي چڪي آهي جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ته هو درخواست ڏي، 24 ڪلاڪن ۾ پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي تحقيقات جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ??الهين جي حوالي سان ??هرو وزير چ??و ته جيڪڏهن ڳال??يو?? ٿي ر??يو?? آهن ته مون کي معلومات ناهي، ٽي ٽي پي ۾ ري گروپنگ ٿي رهي آهي، 3 کان 4 گروپ شامل ٿيا آهن، اسان مفاهمت چا??يو?? ٿا پر هر قسم جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آ??يو??.
هن چيو ته افغانستان جي انساني بنياد تي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، سندن تڪليف اسان جي تڪليف آهي پر انهن کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو دنيا سان ??ڏجي ڪنداسين، اسان ??ي نورستان ??نڙ سميت هر هنڌ جي خبر آهي، اسان مفاهمت جا قائل آ??يو?? پر ملڪ جي سلامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، خطي ۾ 20 سالن بعد وڏي تبديلي آئي آهي، دشمن اسان جي سرحدن تي ڏڦيڙ ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڊالرز جي هولڊنگ تي نظر ر??يل آهي، عام ماڻهوءَ کي رليف ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان تمام وڏي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جلد عام واهپي وارين شين ۽ دوائن کي سستو ڪيو ويندو.