اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي وچ ۾ نئين ڊي جي آء?? ايس آء?? جي مقرري لاءِ مشاورت ??و عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين مقرري جو پراسس شروع ٿي چڪو آهي. ??نه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سول ۽ فوجي قيادت اهو ثابت ڪيو آهي ته ملڪ جي استحڪام سالميت ۽ ترقي لاءِ سڀئي ادارا متحد ۽ هڪ آهن.