اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ??ار??وائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيرن ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين کانسواءِ سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ??گاهه ڪيو ويو ته و??ير??عظم جي گذريل هفتي ذخيره اندوزي جي خلاف قدمن جي هدايتن کانپوءِ ڀاڻ جي في ٻوري جي وڪري جي قيمت ۾ سراسري 400 رپين جي گهٽتائي آئي آهي. و??ير??عظم کي ??گاهه ڪيو ويو ته ڀاڻ جي سپلائي کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پورٽل ٺاهيو ويو آهي جنهن سان صوبا ۽ سموري ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي چرپر ۽ اسٽاڪ کي مانيٽر ڪري سگهن ٿا. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته 13 نومبر کان هيستائين ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي ??وڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. ان ۾ 347 ايف آءِ آر، 244 گرفتاريون، 21111 انسپيڪشنز، 480 گودام سيل ۽ 2.79 ڪروڙ جا ڏنڊ هنيا ويا آهن. ان کانسواءِ هر ضلعي ۾ ڪنٽرول روم ٺاهيا ويا آهن جتي ڀاڻ جي گهٽتائي، ذخيره اندوزي ۽ منافعي بابت شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. صوبن جي وچ ۾ سرحدن تي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري جي خلاف لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ اطلاع فراهم ڪندڙن کي ??بط ٿيل مال جي حساب سان انعام ڏنو ويندو. و??ير??عظم ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ??ار??وائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.