اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئ?? آهي ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي غير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، اها هدايت هن پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ زرعي بهتري جي منصوبي تي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته زراعت ۾ بهتر ميڪانائيزيشن ٽولز ۽ آءِ سي ٽي سان هلندڙ توسيع خدمتن جي مت??ار?? ٿيڻ سان پاڪستان ۾ انقلاب ??رپ?? ٿي ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپاري پئماني تي زيتون جي ڪاشت ۽ جهينگن جي فارمنگ وقت جي اهم ض??ور?? آهي ان سان روانگي واپار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم چيو ته ڪسان ڪارڊ جاري ٿيڻ سان ڪسانن کي مشينري ۽ زرعي سامان خريدڻ ۾ سهولت ملندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئ?? ته ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙي وڏي فصلن ۾ تحقيق لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا وڃن، هن ملڪ ۾ مويشن جي افزائش ۽ کير جي پيدوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٻچڙن جي پ??ور?? جا مرڪز قائم ڪرڻ ۽ مصنوعي اينسيمينيشن کي بهتر ٽيڪنڪ مت??ار?? ڪرڻ جي به هدايت ڪئ??، وزيراعظم سڀني صوبائي چيف سيڪريٽرين کي هدايت ڪئ?? ته هو پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان کي يوريا جي عير قانوني ترسيل کي روڪي ان جي دستيابي کي يقيني بڻائين، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوريا جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙ ماڻهن خلاف انتظامي قدم کنيا پيا وڃن.