اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران پاڪستان جي س??اجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ حڪومت جي معاونت کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر شي زن چن ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ان بحران دوران پاڪستان جي معيشت ڪيترن ئي ملڪن کان تمام گهڻي بهتر رهي آهي، بئنڪ پاڪستان جي معاشي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاء?? ان جي ڪوششن ۾ معاونت جاري رکندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر وزيراعظ?? کي خاطري ڪرائي ته بئنڪ پاڪستاني ??عيشت جي واڌويجهه کي تيز ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي معاونت جاري رکندي.