اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ هڪ خصوصي شخ?? جي وڊيو شيئر ڪندي چيو آهي ته قوم جي ان جذبي کي ڇا ڪوئي شڪست ڏئي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن آچر تي اسلام آباد ۾ منعقد پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ خصوصي شخ?? جي وڊيو شيئر ڪئي جيڪو ٽن??ن کان محروم آهي ۽ پي ٽي آءِ جلسي ۾ شرڪت لاءِ گامزن آهي، وزيراعظم چيو ته جڏهن هڪ قوم ۾ ان قسم ج?? جذب?? هجي ته هر امتحان ۾ سرخرو ٿي سگهي ٿي، ڇا قوم جي ان جذبي کي ڪو شڪست ڏئي سگهي ٿو.