اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر امير حيدر خان هوتي ۽ ايمل اسفنديار ولي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جا??ي ب??ان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر حاجي غلام احمد بلور پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ??ن کانسواءِ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻول??ه ڪئي.