ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ويو آهي، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو، پي اين ايس بدر پاڪستان ۽ ترڪي جي ??هڪار جو بهترين مثال آهي، جلد پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي ۾ ترڪي جو وڏو حصو هوندو، سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ نهايت اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ پاڪ بحريه جي ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ بحري جهاز پي اين ايس بدر جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بحري جهاز ترڪي جي ??يم ايس اسفات جي ??عاون سان ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. ويراعظم چيو ته ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ??الهه آهي، پاڪ بحريه جي ??ربراهه، ترڪي ڪمپني ۽ شپ يارڊ جي ??ملي کي ان عظيم ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پي اين ايس بدر پاڪستان ۽ ترڪي جي ??هڪار جو بهترين مثال آهي، پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ويو آهي، ترڪي جي ??در رجب طيب اردوان پاڪستان جو ڀاءُ ۽ دوست آهي ۽ هو پاڪستان ڪاز جو وڏو حامي آهي، سندس دور ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي استحڪام حاصل ٿيو آهي ۽ اسان جا لاڳاپا پرڏيهي پاليسي سان جهاز سازي ۽ ٽرانسپورٽ کان صحت جي ??عبن تائين پکڙجي ويو آهي ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي گڏيل فائدي لاءِ اسان عظيم بلندين تائين وٺي وينداسين. پي اين ايس بدر جي لانچنگ سان پاڪ ترڪ لاڳاپن ۾ نئين دور جو آغاز ٿي ويو آهي، پاڪستان ۽ ترڪي هڪ قوم آهن جيڪي ٻن مختلف ملڪن ۾ رهن ٿيون، ڪورونا دوران جهاز جي ??ياري ٻنهي ملڪن جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ پاڪ بحريه ۽ ترڪي جي ??مپنين جي وچ ۾ تعاون سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ اسان ترڪي جي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنداسين. پاڪستان جي ??گهي ساحلي پٽي آهي، واپاري ۽ صنعتي سرگرمين کي فروغ ڏئي اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ نهايت اهم آهي ۽ گوادر ان جو مرڪز بڻجي ??هيو آهي، سي پيڪ کي ترڪي تائين سگهه ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي ??وام جي فائدي لاءِ دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ صحت جي ??عبن ۾ گهڻ رخو تعاون نئين بلندين کي ڇهي رهيو آهي، پي اين ايس بدر جي لانچنگ سان ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ۾ ميري ٽائيم سرگرميون وڌنديون جنهن سان مالياتي ۽ صنعتي ترقي کي فروغ ملندو، اهو سنگ ميل عبور ڪرڻ تي پاڪ بحريه جي ??ربراهه، سندس ٽيم ۽ دفاع واري وزير جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، پاڪستان جي ??ڪومت ملڪ ۾ اقتصادي رابطا وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي کي سگهه ڏئي رهي آهي، ترڪي سان تعاون جا مثبت اثر پوندا، ترڪي سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جا لاڳاپا قيام پاڪستان کان پهرين جا آهن ?? جلد پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي ۾ ترڪي جو وڏو حصو هوندو. هن چيو ته ترڪي 2005ع جي ??لزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ جي ??باهڪارين کانپوءِ پاڪستان جي ??رپور مدد ڪئي ۽ صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهرواريءَ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو به ڪيو هو ۽ ترڪ خاتون اول متاثرين لاءِ هار جو عطيو به ڏنو، اهو اسان جي ??اريخ جو يادگار لمحو آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ان موقعي تي وزيراعظم ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس جي ??ملي لاءِ 10 ڪروڙ روپين جو به اعلان ڪيو. پاڪ بحريه جي ??ربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپا فروغ وٺي رهيا آهن، پاڪ بحريه ملڪي دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪراچي شپ يارڊ جو اهم ڪردار آهي، ان موقعي تي ترڪي جي ??در رجب طيب اردوان جو پيغام به پڙهي ٻڌايو. هن خاطري ڪرائي ته ترڪي پاڪستان سان عسڪري تعاون کي فروغ ڏيندو، ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو زڪر ڪندي هن چيو ته اهو منصوبو ٻنهي ملڪن جي مضبوط ۽ مستحڪم لاڳاپن ۽ تعاون جو هڪ وڏو مثال آهي، پاڪستان جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي ??وام جي ??سان جي ويجهو وڏي اهميت آهي، هن چيو ته ان منصوبي تحت ٻيو بحري جهاز سيپٽمبر ۾ استنبول ۾ لانچ ڪيو ويندو، ان موقعي تي ترڪي جي ??فاع واري وزير هولوسي آقار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، پي اين ايس بدر پاڪ بحريه جي ??فاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو، اهو جهاز جديد ٽيڪنالاجي ??ان ليس آهي، 2023ع، 2024ع ۽ 2025ع ۾ وڌيڪ بحري جهاز به لانچ ڪيا ويندا، هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ??ي دارومدار دنيا ۾ وڌندو پيو وڃي، اسان جي ??فاعي صنعت اعليٰ معيار رکندڙ آهي، ترڪي جي ??وام پاڪستان کي وڏي اهميت ڏي ٿي ۽ اسان جي ??ڏيل لاڳاپن جي نوعيت ٻين ملڪن کان مختلف آهي، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪي هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ اهڙن وڌيڪ منصوبن تي به ڪم ڪندا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ??وستي ۽ پاڪستان جي ??فاعي قوت ۾ اضافو ٿيندو.