اسلام آبا?? – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ وفاقي وزير ساجد حسين طوري چيو آهي ته بهادر ڪشميرين کي ڀارتي ظلمن ۽ غيرقانوني قبضي جي خلاف جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي سخت مذمت ڪندي هن چيو ته آزادي ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق آهي، گڏيل قومون ڀارتي فوج جي انسانيت ??لاف ڏوهن جو نوٽيس وٺي، گڏيل قومون پنهنجي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي، اڄ ڪشمير ۾ ڀارتي ڪرفيو، ظلم ۽ ڏاڍ جا ٽي ڪارا ترين سال مڪمل ٿي??، مودي گڏيل قومن جي قانونن جي خلاف و??زي ڪندي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ??تم ڪئي.