ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو ??هي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن ??هي جڏهن ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ڀارتي آئين مان آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ??ي ختم ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حي??يت جو خاتمو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي ر??استي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري ??هي ۽ لک??ن بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حي??يت ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي انتهاپسند هندوئن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اتي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏيڻ گهرجي.