اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ماهرن جي مشاورت سان ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس قومي منصوبو تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي قدرتي آڦتن کان بچائڻ جي لاءِ موثر نظام ۽ بهتر بنيادي ڍانچي جي تعمير لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايرا هيڊڪوارٽرز ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪو??رڊينيشن سينٽر جي پهرين اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اه?? پوري چوڪسي ۽ عالمي ماهرن جي مشاورت کانپوءِ ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ ٺوس قومي منصوبو تيار ڪيو وڃي، ملڪ ۾ پاڻي جي نيڪالي جي نظام جي بهتري جي لاءِ هڪ قابل عمل حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن ??ستقبل ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. وزيراعظم صوبائي چيف سيڪريٽرين کي چيو ته اه?? ريور بيڊ ۾ زمين جي استعمال بابت زوننگ قانونن ۽ ضابطن تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائين ته جيئن ??ستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کان بچي سگهجي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي)، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم اي)، پاڪستان آرمي انجنيئرنگ ڪو?? ۽ صوبائي اوڳاڙين جي کاتن جي نمائندن پاران هڪ گڏي?? سروي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ??قصانن بابت معتبر انگ اکر گڏ ڪري سگهجن. ان کان اڳ وزيراعظم کي نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو??رڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جي ٽيم بريفنگ ڏني. کيس ٻڌايو ويو ته اين ايف آر سي سي بچاءُ، رليف ۽ بحالي جي ٽن گهڻ رخي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي ته جيئن ??لڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تاريخي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن کي موثر طريقي سان گهٽ ڪري سگهجي. واضح رهي ته نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو??رڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيو ويو هو ته جيئن ??احولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي ڪو??شن کي ٺوس بڻائي سگهجي.