اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪه برطانيا ??يل??بيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو. هن برطانوي هاءِ ڪميشن ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان جي عوام پاران شاهي خاندان ۽ برطانيا جي ماڻهن سان ڏکويل دل سان ملڪه ??يل??بيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو، ان جو لاڏاڻو 7 ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ دور جي خاتمي جي علامت آهي. هن چيو ته ملڪه برطانيا برطانوي عوام ۽ دولت مشترڪه جي لاءِ شاندار خدم??ون سرانجام ڏنيون، ملڪه برطانيا جي زندگي عوامي خدمت جي لاءِ وقف هئي، هن پنهنجا فرض وقار سان ادا ڪيا. صدر چيو ته آئون 12 سال جي ٻار جي حيثيت سان ان جي پاڪستان جي دوري کي سدائين ياد رکندس، ملڪه ??يل??بيٿ ٻه شائستگي، توازن ۽ وقار جي علامت هئي. بعد ۾ صدر بطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آ??جه??ني ملڪه بي مثال وقار ۽ شائستگي رکندڙ عورت هئي، آ??جه??ني ملڪه جي خيراتي ادارن جي سرپرستي، دنيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون غيرمعمولي هيون. برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر چيو ته آ??جه??ني ملڪه پنهنجي دل ۾ پاڪستان جي لاءِ هڪ خاص مقام رکندي هئي، ملڪه ??يل??بيٿ ٻه پنهنجي آخري پيغام ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو.