اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پر??يهي معام??ن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڪوپ 27 تاريخي ڪانفرنس هئي جنهن ۾ ٽن ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آهي، اهو فنڊ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ مدد??ار ثابت ٿيندو، فنڊ جي قيام سان عالمي اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پر??يهي معام??ن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيوته پاڪستان جي وزيراع??م ۽ پر??يهي وزير ڪوپ 27 ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهم ڪر??ار ادا ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو، وزيراع??م ۽ پر??يهي وزير لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي قيام جي حوالي سان اهم ڪر??ار ادا ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان چيو ته ڪوپ 27 ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي سمورين ڌرين جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظم جي قيادت ۽ رهنمائي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن جو شڪار ملڪ ترقي يافته ملڪن کان تعاون چاهين ٿا. ان موقعي تي ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.